خصوصي ائپس
انهن ائپس ۽ ڊوائيسز سان OneNote مان وڌيڪ حاصل ڪريو.
Brother Web Connection
توهانجي Brother مشين (MFP/دستاويز اسڪينر) تصويرون هڪ PC تي وڃڻ کان سواءِ سڌو انهن کي OneNote ۽ OneDrive ڏانهن اپلوڊ ڪري سگهي ٿي.
Chegg
شاگرد پنهنجي اهم گهرو ڪم جا جواب Chegg Study Q&A کان OneNote ڏانهن محفوظ ڪري سگهن ٿا. اهو OneNote ”ان کي ڪلپ ڪريو” بٽڻ سان آسان آهي. اتان کان، توهان پنهنجا جواب عنوان، درجي يا اسائنمنٽ جي بنياد تي ترتيب ڏيڻ شروع ڪري سگهو ٿا ۽ انهن کي OneNote ۾ فوري طور تي ڳولها لائق رکي سگهو ٿا. آخري مطالعي جو گائيڊ ٺاهيو ۽ پنهنجي دوستن سان حصيداري ڪريو.
cloudHQ
پنهنجا OneNote نوٽس cloudHQ سان جوڙيو. پنهنجا نوٽ مشهور ڪلائوڊ خدمتن جهڙوڪ Salesforce، Evernote، Dropbox سان هم وقت سازي ڪريو. آساني سان ٻين سان لهه وچڙ ۾ اچو، ڪنهن به ائپ ۾ پنهنجا خيال حصيداري ڪريو ۽ انهن کي آسان سان OneNote ڏانهن واپس هم وقت سازي ڪريو. جيڪڏهن توهان انهن کي حادثاتي طور حذف ڪريو ته پنهنجي خيالن جي تحفظ لاءِ ٻين ڪلائوڊ خدمتن ۾ پنهنجا OneNote نوٽ بڪ پڻ بيڪ اپ ڪريو.
Newton
Newton استعمال ڪري صرف هڪ ڪلڪ سان اهم اي ميلون OneNote ڏانهن محفوظ ڪريو. آيا اهو هڪ انوائيس آهي، هڪ رسيد آهي، يا هڪ اهم ڪسٽمر واري اي ميل آهي، هر شئي کي گڏ رکڻ لاءِ Newton's OneNote انٽيگريشن استعمال ڪريو.
Docs.com
Docs.com صارفن کي OneNote نوٽ بڪ جي ذريعي نوٽس ۽ تعليمي مواد پکيڙڻ جي اجازت ڏئي ٿو. اهو سڄي دنيا جي ماڻهن جهڙوڪ استاد ۽ شاگردن کي توهان جي OneNote نوٽ بڪ کي ڏسڻ ۽ وري استعمال ڪرڻ جي اهل ڪري ٿو، جنهن سان ڪميونٽي ۾ مشهوري ۽ اثر وڌي ٿو.
Doxie Mobile Scanners
Doxie هڪ نئين قسم جو پيپر اسڪينر آهي جيڪو چارج ٿي سگهجندڙ آهي، جيئن توهان دستاويز ڪٿي به اسڪين ڪري سگهو - ڪو به ڪمپيوٽر گهربل ناهي. رڳو ان کي چارج ڪريو ۽ ان کي کوليو - جتي توهان آهيو - اسڪين، محفوظ، ۽ حصيداري ڪرڻ لاءِ پنهنجو پيپر، رسيدون، فوٽو داخل ڪريو. Doxie ڪٿي به اسڪين ڪري ٿو، ۽ پوءِ توهانجي سڀني ڊوائيسن تي توهانجن سڀني اسڪين ٿيل دستاويزن تائين رسائي ڪرڻ لاءِ OneNote ڏانهن هم وقت ڪري ٿو
EDUonGo
EDUonGo ڪنهن کي به منٽن ۾ آن لائن اڪيڊمي يا ڪورس لائونچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. EDUonGo شاگرد آسان سان پنهنجا سبق پنهنجي ذاتي نوٽ بڪن ڏانهن درآمد ڪري سگهن ٿا. اهو شاگردن لاءِ نوٽ وٺڻ ۽ ٻين سان حصيداري ڪرڻ آسان بڻائي ٿو. شاگرد پنهنجي OneDrive اڪائونٽن سان پڻ ڳنڍي سگهن ٿا. استادن جيان، توهان پنهنجي سبقن ۾ Office Mix کان وڊيوز پڻ شامل ڪري سگهو ٿا.
OneNote ڏانهن اي ميل ڪريو
جڏهن توهان سفر ۾ آهيو ته پنهنجي نوٽ بڪ ڏانهن سڌو انهن کي اي ميل ڪري انهن شين کي گرفت ۾ آڻيو جيڪي توهانجي لاءِ اهم آهن! دستاويز، نوٽس، سفر جا پروگرام ۽ گهڻو ڪجهه me@onenote.com ڏانهن موڪليو ۽ ان کي اسان توهانجي OneNote نوٽ بڪ ۾ رکندا سين، جتي توهان انهن کي پنهنجي سڀني ڊوائيسن مان رسائي ڪري سگهو ٿا.
Epson Document Capture Pro
Document Capture Pro توهان کي Epson اسڪينرن جهڙوڪ Workforce® DS-30، DS-510، DS-560 ۽ ٻين سان آساني سان دستاويز اسڪين ڪرڻ، صفحا تدوين ڪرڻ، فائلون محفوظ ڪرڻ ۽ ايپلي ڪيشنن ڏانهن ڪوائف منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. وڌيڪ ڇا آهي، هڪ کان وڌيڪ ڊوائيسن کان دستاويز آساني سان رسائي ڪرڻ يا ٻين سان حصيداري ڪرڻ لاءِ، صارف هڪ ٽچ سان OneNote ڏانهن اسڪين ڪري سگهن ٿا.
eQuil Smartpen2 & Smartmarker
ڪنهن به سطح تي پنهنجا نوٽس لکو ۽ eQuil Smartpen2 ۽ Smartmarke کان ان کي سمارٽ سطح ٺاهي انهن کي OneNote موڪليو. هو توهانجيون بهترين سوچون ڪيپچر ڪرڻ جو قدرتي طريقو آهي.
Feedly
Feedly پڙهندڙن کي ڪهاڻين ۽ معلومات سان ڳنڍي ٿي جنهن جي باري ۾ اهي پرجوش آهن. عمده مواد کوج ڪرڻ ۽ ان سان گڏ لاءِ feedly استعال ڪريو، پوءِ هڪ ڪلڪ سان بهترين آرٽيڪل سڌو OneNote ڏانهن محفوظ ڪريو.
FiftyThree پاران پيپر ۽ پينسل
پنهنجن خيالن سان پيپر ۽ پينسل کان وڃو ۽ پوءِ OneNote سان وڌيڪ قدم کڻو. وڌايل پريسيشن سان لکو ۽ ڇڪو آسان ڪريو جنهن لاءِ پينسل سڃاتل آهي، ۽ جيڪڏهن توهان غلطي ڪريو ٿا ته رڳو اسٽائلس کي فلپ ڪريو ۽ هڪ قدرتي طريقي سان مٽايو - سڀئي سڌو OneDrive ۾. آساني سان نوٽ وٺو، چيڪ لسٽون ٺاهيو ۽ پيپر ۾ اسڪيچ ڪريو وڌيڪ ڪرڻ لاءِ OneNote ڏانهن حصيداري ڪريو، جيئن هڪ حصيداري ڪيل نوٽ بڪ ۾ گڏ ڪم ڪريو، آڊيو رڪارڊنگ ڏانهن اضافو ڪريو ۽ پنهنجو مواد مجازي طور ڪنهن به ڊوائيس کان رسائي ڪريو.
Genius Scan
Genius Scan توهانجي کيسي ۾ هڪ اسڪينر آهي. اهو توهانکي ڪاغذي دستاويز ڊجيٽل ڪرڻ، PDF فائلون ٺاهڻ ۽ انهن کي فوري طور تي OneNote ۾ ذخيرو ڪرڻ جي قابل بنائي ٿو.
JotNot Scanner
JotNot هڪ توهانجي iPhone کي هڪ پورٽيبل گهڻ صفحي اسڪينر ۾ تبديل ڪري هو. توهان دستاويز، نسخا، سفيد بورڊ، ڪاروباري ڪارڊ ۽ نوٽس هڪ اليڪٽرانڪ شڪل ۾ اسڪين ڪرڻ لاءِ JotNot استعمال ڪري سگهو ٿا. JotNot هاڻي Microsoft جي OneNote پليٽ فارم سان سڌو رابطو آڇ ڪري ٿو، تنهنڪري توهان پنهنجو OneNote استعمال ڪندي پنهنجا اسڪين تڪڙو ۽ آساني سان بيڪ اپ ۽ منظم ڪري سگهو ٿا.
Livescribe 3 Smartpen
Livescribe 3 smartpen ۽ Livescribe+ ائپ سان، سادو هڪ پيپر تي لکو ۽ ڏسو ته هر شئي توهانجي موبائل ڊوائيس تي ظاهر ٿئي ٿي، جتي توهان پنهنجا نوٽس ٽئگ ڪري، ڳولهي، ۽ متن ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا. توهان هر شئي OneNote ڏانهن موڪلي سگهو ٿا جيئن توهانجا هٿ سان لکيل نوٽس ۽ خاڪا توهانجي باقي اهم معلومات سان گڏ ٿين.
Mod Notebooks
Mod هڪ پيپر نوٽ بڪ آهي جيڪو ڪلائوڊ مان رسائي لائق آهي. واقف پين ۽ پني سان نوٽس وٺو، پوءِ پنهنجا صفها مفت ۾ ڊجيٽل ڪريو. هڪ مڪمل ٿيل نوٽ بڪ جو هر صفحو OneNote ڏانهن هم وقت ۽ هميشه لاءِ محفوظ ٿي سگهي ٿو.
NeatConnect
NeatConnect پيپر ڍڳن کي ڊجيٽل دستاويزن ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ انهن کي سڌو OneNote ڏانهن موڪلي ٿي - ڪمپيوٽر کان سواءِ. توهانجي گهر ۾ ڪنهن به ڪمري کان، يا آفيس ۾ ڪنهن به جڳهه، NeatConnect جي Wi-Fi مطابقت ۽ ٽچ اسڪرين انٽرفيس OneNote ڏانهن اسڪيننگ کي تڪڙو ۽ آسان ڪري ٿي جيئن توهان اداري ۽ پيداوار کي مڪمل نئين درجي تي وٺي وڃي وقت بچائي سگهو.
News360
News360 هڪ ذاتي ٺهيل خبرن جي ائپ آهي جيڪو سکي ٿي توهان ڇا ٿا پسند ڪريو ۽ جيترو وڌيڪ توهان استعمال ڪريو ٿا وڌيڪ هوشيار ٿئي ٿي. 100,000+ کان مٿي ذريعن کان، هتي هميشه پڙهڻ لاءِ ڪجهه دلچسپ آهي، ۽ توهان هڪ بٽڻ جي ٽيپ سان پنهنجيون پسنديده ڪهاڻيون سڌي OneNote محفوظ ڪري سگهو ٿا.
Nextgen Reader
Windows Phone لاءِ هڪ تيز، صاف سٿرو ۽ خوبصورت RSS ريڊر. هاڻي توهان کي مضمون سڌو سنئون OneNote تي محفوظ ڪرڻ ڏئي ٿو. خوش پڙهائي!
Office Lens
Office Lens توهانجي کيسي ۾ هڪ اسڪينر هجڻ جيان آهي. اڇو بورڊ ۽ ڪاري بورد تي نوٽس نه وڃايو، ۽ غم ٿيل دستاويزن، ڪاروباري ڪارڊن، غم رسيدن يا اسٽري چنبڙندڙ نوٽسن لاءِ ٻيهر ڪڏهن به نه ڏسو! Office Lens توهانجي تصويرن کي جادوئي پڙهڻ ۽ ٻيهر-استعمال لائق بڻائي ٿو. خودڪار ٽرم ڪرڻ ۽ صفائي سان مواد سڌو OneNote ۾ ڪيپچر ڪريو.
OneNote For AutoCAD
AutoCAD لاءِ OneNote توهان کي AutoCAD منجهان توهان جي ڊرائنگ سان گڏ نوٽس به وٺڻ ڏيندو. اهو سڄي دنيا ۾ 2D ۽ 3D ڊرائئنگ ٺاهڻ لاءِ AutoCAD استعمال ڪندڙ آرڪيٽيڪچر ۽ انجينيئرنگ پيشيورن جي پيداواري تيز ڪري ٿو. انهن نوٽس جو بيڪ اپ ڪلائوڊ ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به وقت رسائي ڪري سگهجي ٿي. صارف انهن نوٽسن کي هر اڳئين وقت ڏسي سگهندا جڏهن اهي AutoCAD ۾ ڊرائنگ کوليندا.
OneNote Class Notebooks
هر شاگرد لاءِ هڪ ذاتي ڪم جي جاءِ، هينڊ آئوٽ لاءِ مواد جي لائيبريري، ۽ سبقن ۽ تخليقي سرگرمين لاءِ هڪ تعاون واري جاءِ واري پنهنجي ڊجيٽل نوٽ بڪ ۾ پنهنجي سبق جا منصوبا ۽ ڪورس جو مواد منتظم ڪريو.
OneNote Web Clipper
OneNote ویب ڪلپر توهانکي ويب صفحا توهان جي برائوزر کان توهانجي OneNote نوٽ بڪن ۾ محفوظ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. صرف هڪ ڪلڪ سان، اهو توهان کي تڪڙو شيون قبضو ڪرڻ ۽ توهانجي زندگي ۾ وڌيڪ ياد ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
Powerbot for Gmail
اهم اي ميلون، ڳالهه ٻولهه ۽ منسلڪائونٽ Gmail انٽرفيس مان سڌو OneNote ڏانهن محفوظ ڪريو. ائپس وچان اڳتي پوئتي ٽپا ڏيڻ جي ڪو ضرورت ناهي.
WordPress
ڪنهن به ڊوائيس، ڪراس-پليٽفارم، OneNote ۾ آن لائن يا آفلائن پنهنجيون WordPress پوسٽون لکو ۽ پنهنجي سڀني موجوده نوٽسن کان مواد ٻيهر استعمال ڪريو.
Zapier
Zapier جيڪي توهان پهريان ئي استعمال ڪريو ٿا انهن ائپس کي OneNote سان ڳنڍڻ جو آسان طريقو آهي، جهڙوڪ Salesforce، Trello، Basecamp، Wufoo، ۽ Twitter. نوٽس بيڪ اپ ڪرڻ، مڪمل ڪمن جو رڪارڊ رکڻ، يا نوان رابطا، فوٽو، ۽ ويب صفحا محفوظ ڪرڻ، لاءِ هي ائپ استعمال ڪريو.